سنگ مرمر/ ماربل

سنگ مرمر/ ماربل

سنگ مرمر ماربل

سنگ مرمر/ ماربل (Marble): سنگ مرمر هڪ اڇي قسم جو پٿر آهي، جيڪو دٻاءَ ۽ گرميءَ سبب پنهنجي اصليءَ حالت ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان گهڻو تبديل ٿي ويو آهي. هن تي تمام سٺيءَ طرح سان گسائي ۽ پالش ڪري سگهجي ٿي. سوين سالن کان وٺي آرٽ ۽ عمارت سازيءَ ۾ هي پٿر گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. اڄ به وڏي شوق سان باغيچن جي فرش بنديءَ، تجارت، عمارتن ۽ تربتن وغيره لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اعليٰ قسم جو سنگ مرمر گهڻو مهانگو ٿئي ٿو. اهڙي قسمن جا ٻيا پٿر جيڪي دٻاءَ ۽ گرميءَ سبب پنهنجي اصل جوڙجڪ کان گهڻا مٽجي ويا آهن، جهڙوڪ گرينائيٽ (Granite)، تن کي به گهڻو ڪري سنگ مرمر سمجهيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته اصلي سنگ مرمر يا ته ڊولومائيٽ (Dolomite) يا چن جي پٿر (Lime Stone) مان ٺهي ٿو. اهڙو پٿر جڏهن معدني گيرٺ (Sediment ) جي گڏ ٿيڻ سان وجود ۾ اچي ٿو، تڏهن گرميءَ ۽ دٻاءَ سبب ٻيهر قلمجڻ جي عمل مان گذري سنگ مرمر ۾ مٽجي وڃي ٿو. سنگ مرمر جي عام طور اندروني بناوت ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ۽ عموماً تهن ۾ غلاظت جي ڌنڌ سبب ڪيترن مختلف رنگن ۽ چٽن جو ٿئي ٿو. جڏهن اهڙي ڪنهن پٿر کي تختن جي صورت ۾ ڪٽيو وڃي ٿو ته انهن جا تهه ڪيترن نمونن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. اهڙو چن جو پٿر جنهن ۾ غلاظت نه ٿي ٿئي تنهن مان نج سفيد سنگ مرمر ٺهي پوي ٿو ۽ اهو تاريخ ۾ سفيد سنگ مرمر کي پاڪائي ۽ پوترتا جي نشاني، تعليم ۽ زر جي لحاظ کان ڀاڳ وارو سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جوڪيترن تعليمي ۽ مالي ادارن جي عمارتن ۾ اڇو سنگ مرمر ججهو استعمال ڪيو وڃي ٿو. تاج محل جهڙي شاندار عمارت، جنهن کي دنيا جو هڪ عجوبو سڏيو وڃي ٿو، سڄي اڇي سنگ مرمر جي ٺهيل آهي. سنگ مرمر ۾ ڪاروي، خاڪي، گلابي ۽ سائي رنگ جا ڪيترائي مختلف چٽ به ٿي سگهن ٿا. سنگ مرمر، سنگتراشيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، منجهائنس ڪنهن به ڊول جي ڪا به شيءِ ٺاهي سگهجي ٿي. سنگ مرمر فرش، ڪائونٽر/ دخل، تختيءَ ۽ ٽائيلس طور به استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ٿنبن، ڏاڪن، ڏاڪڻين ۽ عمارتن جي مهاڙين ۾ به سونهن لاءِ هنيو وڃي ٿو، سنگ مرمر جا ٺهيل دڪا/ ڪائونٽر بيڪرين ۽ نانوائين لاءِ ڪارائتا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته هي پٿر نه رڳو ٿڌو رهي ٿو، بلڪ ان ۾ سڻڀ لاءِ مزاحمت ٿئي ٿي، جنهن سبب پچايل شيون چنبڙڻ کانسواءِ ڪڍڻ ۾ سوليون ٿين ٿيون. بنيادي طرح سنگ مرمر جي اڇي ۽ هلڪي سائي رنگ کان سواءِ ان جا ڪيترائي ٻيا رنگ ٿين ٿا.
سنگ مرمر جي مٿاڇري تي ايترا سنهڙا سوراخ به ٿين ٿا، جن کي ائين اک ڏسي نه ٿي سگهي، پر اهي گهم جذب ڪري سگهن ٿا. قديم يوناني ۽ رومي سنگ مرمر جو عام جام استعمال ڪندا هئا، يونانين ته پنهنجا ڪيترائي مشهور ۽ ڪمال جا يادگار ۽ تاريخي جڳ مشهور بت ۽ مورتيون سنگ مرمر مان گهڙي ٺاهيون. جڏهن رومن سلطنت پنهنجي جاهه جلال کي پهتي ته، اُن نه رڳو يونان فتح ڪيو، بلڪ ڪيترن ملڪن ۾ پٿر جون کاڻيون حاصل ڪيون ۽ سنگ مرمر عمارتسازيءَ ۽ آرٽ جي نادر نمونن ۾ استعمال ڪيو. سنگ مرمر دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ ڪيترن مقصدن جهڙوڪ: سينگار جي شين، فرش، گهڙيال، ميزن، هاٽ پليٽس، ٿنبا، دخل/ ڪائونٽر، اڏاوتي مهاڙين، رڌڻي ۽ غسل خاني وغيره ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو